خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي پوليس جي مبينا تشدد ۾ پير ڳوٺ واسي نوجوان فوت، وارث عورتن جو سول اسپتال ۾ احتجاج، خيرپور ۾ اوستو گاهي پاڙي جي رهواسين مسمات ڪنيز فاطمه شيخ ۽ جمال بيگم شيخ سول اسپتال ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جو ڀاڻيجو نعمان قريشي پيرجوڳوٺ کان خيرپور اسان ڏانهن گهمڻ آيو هو، 8 ڏينهن اڳ ڪوٽڏيجي پوليس بااثر عزيز الله شيخ ۽ ان جي پٽ اياز شيخ سان گڏ رات دير سان کيس کنڀي کڻي وئي ۽ ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اڍائي ڪلو چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته پوليس نوجوان کي حراست ۾ وٺڻ بعد سخت تشدد ڪري ماريو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن ڪوٽڏيجي پوليس ٻڌايو ته جوابدار نعمان شيخ کي عدالت ۾ پيشي بعد ٿاڻي تي نيو پئي ويو ته رستي ۾ طبيعت خراب ٿي پئي ۽ اسپتال کڻي ويندي هو فوت ٿي ويو، مٿس ڪو به تشدد ناهي ڪيو ويو.