خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال جاري، شهر ۾ ڊرينيج ۽ صفائي سٿرائي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، شهر ۾گندي پاڻيءَ جا تلاءَ لڳي ويا. خبر موجب ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر ۾ صفائي سٿرائيءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ملازمن جي هڙتال سبب شهر جا ڪيترائي علائقا ۽ مک چوڪ چوراها گٽرن جي گندي پاڻيءَ هيٺ آيل آهن. سڪ پل وٽ گندو پاڻي جي تلائن جي صورت ۾ بيهجي وڃڻ سبب لقمان ۽ خيرپور شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي، جنهن ڪري شهرين کي سخت پريشان ٿيڻو پيو. ان ڏس ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل ملازمن جي هڙتال سبب شهر گندگي جو ڍير ۽ ڍنڍ بڻجي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسئلا حل ڪري شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي.