خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ سوڀوديرو پوليس هٿان منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي آن لائين ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ سوڀوديرو ٿاڻي جي پوليس هٿان منشيات سميت گرفتار ٿيل جوابدار عاشق حسين ولد خير محمد ملاح واري ڪيس جي ٻڌڻي آن لائين ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي گذري. ٻڌڻي دوران جوابدار عاشق حسين ملاح کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ ويڊيو لنڪ ڪئميرائن ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جوابدار عاشق حسين ملاح مٿان ڏوهه ثابت ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس ٽي سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.