خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ گمبٽ پوليس هٿان 3 ڪلو چرس هٿ اچڻ واري ڪيس جي آن لائن ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جوابدار کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ پوليس ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار آصف علي سولنگي مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 14 سال قيد ۽ چار لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.