خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ مل ڪالوني جي رهواسين گلشاد بيگم ناريجو، ظهوران خاتون، شمشاد خاتون، ارباب خاتون، شريفاڻو، سفيه، امام زادي، معصوم ٻارڙن غلام حسين، غلام حيدر، نومان ناريجو ۽ ٻين طرفان پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي بي سيڪشن پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  مظاهرين چيو ته گذريل رات دير سان ڊي ايس پي امداد سولنگي، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او مشتاق جتوئي جي اڳواڻي ۾ وڏن پوليس اٽالن محمد بچل ناريجو، حميد ناريجو، الله وسايو ناريجو جن جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ اسان جي ٻن عورتن 35 سالا پروين زال علي حسن ناريجو ۽ فاطمه خاتون زال مشتاق ناريجو جن کي پوليس وارا زبردستي کنڀي کڻي ويا، هنن چيو ته پوليس گهر ڀاتين سميت عورتن جا شناختي ڪارڊ، قيمتي ڪاغذ ۽ قيمتي سامان به کڻي وئي آهي، مظاهرين چيو ته اٽڪل ٻه سال اڳ جوابدار عبدالغفار ناريجو ۽ مختيار ناريجو وارا اسان جي نوجوان عورت روزينه زال مشتاق ناريجو کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا هئا جنهن جو ڪيس هاء ڪورٽ ۾ هلندڙ هيو جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان عبدالحميد پٽ الله وڌايو کي خيرپور پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، مظاهرين چيو ته هن معاملي جي پويان جوابدار عبدالغفار، مختيار علي، ممتاز ناريجو، مهر علي، مجيد، فهيم ناريجو ۽ ٻين جا هٿ ملوث آهن ۽ پوليس جوابدار ڌر جي وانگارو بڻيل آهي. مظاهرين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف  ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.