خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ 10 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نظاماڻي پاڙي واسي مير اقبال حسين ٽالپر جي قتل جا جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران مظاهرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي مير رياض حسين ٽالپر بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او مٿان الزام مڙهيو ته بي سيڪشن پوليس قاتلن کان ڳري رشوت وٺي مک جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مير اقبال ٽالپر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او مٿان فرض ۾ ڪوتاھي ۽ قاتلن سان ڌر ٿيڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن جوابدارن جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته ٻيهر رتوڇاڻ جو خدشو آهي، جنھن جي ذميواري بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او انور ابڙو مٿان عائد ٿيندي.