خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ مفت سامان نه ڏيڻ تان پوليس اهلڪارن مبينا طور دڪاندار مٿان تشدد ڪري کانئس سامان ۽ روڪ رقم ڦري ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، خبر موجب ريلوي اسٽيشن ڀرسان دڪان هلائيندڙ پورهيت افضل سهتو جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ افضل جلباڻي ۽ سپاهي بن يامين مون کان مفت ۾ سامان گهريو، انڪار ڪرڻ تان هنن مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽  70 هزار رپيا روڪ ۽ سامان ڦر ڪيو ۽ بعد ۾ منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته خيرپور جي پوليس عوام جي محافظ بدران دشمن بڻيل آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.