خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس بي سيڪشن ٿاڻي جي حد آر ٽي سي روڊ نزد مل ڪالوني وٽ ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڏوهارين جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي پوليس انچارج چوڪي لقمان عبدالغفار ڦلپوٽو جي سربراهي ۾، نشاندهي ڪيل ھنڌ تي پهتي ته ڏوهارين پوليس کي ڏسندي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جوابي فائرنگ ڪري هڪ بدنام ڏوهاري راشد علي پٽ رفيق احمد سهتو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪرڻ وارين وارداتن ۾ ملوث هو ۽ پوليس کي گهربل هو. پوليس موجب گرفتار ڪيل ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس ڪرمنل رڪارڊ ٻين ضلعن مان به معلوم ڪيو پيو وڃي.