خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ واپڊا سيپڪو جي ملازمن طرفان، لائين مين مٿان بجلي چوري ۾ سھولتڪاري جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ٻانهُن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سيپڪو آفيس خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج جي اڳواڻي ڊويزنل چيئرمين لالا نزاڪت پٺاڻ، فيروز ابڙو، سليم ڦلپوٽو، مجتبيٰ شيخ، نعمت خان ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته لائين مين پرويز سولنگيءَ مٿان بجلي چوريءَ جي سھولتڪاري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان ھميشه ڏينهن رات پنھنجون جانيون جوکي ۾ وجهي اداري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته ٻئي طرف ملازمن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته اسان اداري جي بھتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندي بجلي چورن خلاف ڪارروائيون ڪيون آهن، ڪنھن به قسم جي ايمرجنسي، برسات، ٻوڏ، محرم الحرام ھجي يا عيد جو ڏينهن ھجي اسان ايمانداريءَ سان پنهنجون ڊيوٽيون ڪيون آهن، آفيسرن پاران ملازم مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ وارو عمل دل ڏکائيندڙ عمل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واپڊا ملازم مٿان داخل ڪرايل ڪيس خارج ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي واپڊا سيپڪو جي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر اعجاز چنو ملازمن سان ڳالهيون ڪري ملازم مٿان داخل ڪيل ڪيس خارج ڪرائڻ جي خاطري بعد ملازمن جو احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.