خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ايمپلائيز يونين ۽ آپڪا پاڪستان چاچڙ گروپ جي ملازمن پگهارون بند هئڻ خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ 18هين ڏينهن به پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي خالد سمنگ، تسڪينه زيدي، پٺاڻ مھر، محرم علي، خليل شيخ، ۽ ٻين چيو ته گذريل 7 مهينن کان اسان جون ماهوار پگهارون بند آهن، جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار آهيون، هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب اسان جي ٻارن جي تعليم پڻ شديد متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته کاڌ خوراڪ جو سامان پڻ ختم ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پينشن ٽريزري ذريعي آن لائن ڪرائي پگهارون جاري ڪيون وڃن.