خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي تعاون سان آل اسپيشل پرسنس ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران رمضان شريف جي حوالي سان معذور ماڻهن ۾ راشن ۽ ڪپڙا ورهائڻ واري تقريب گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي چيئرپرسن شڪيلا ياسيمين، خالد احمد، بهزاد عباسي،غلام رضا شيخ ۽ ٻين چيو ته رمضان جو مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن سلسلي ۾ پهريان معذور ماڻهن ۾ راشن ۽ ڪپڙا تقسيم ڪري رهيا آهيون ته جيئن اُهي رمضان جو مهينو ۽ عيد جو ڏينهن بهتر انداز ۾ ملهائي سگهن.