خيرپور (رپورٽر) صوبائي وزير زراعت، اينٽي ڪرپشن ۽ بيوروآف سپلاءِ سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ زراعت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين جي ڪري 2022 وارين برساتن سبب سنڌ ۽ گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ۾ کجيءَ جي فصل کي نقصان ٿيو جنهن جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ مهم تحت نڪتا آهيون ۽ اسان جي ڪوشش هوندي جيتري قدر آبادگارن، گروورز، واپارين جي ڪم اچي سگهون، خيرپور ۾ پروسيسنگ لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا آهن. خيرپور ۾ کجيءَ جي آبادگار زبير احمد ڦلپوٽو جي البدر کجور فارم تي آبادگارن، زميندارن، کجيءَ جي ماهرن، واپارين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن سان کليل ڪچهري دوران هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ پاڪستان کجيءَ جي پيداوار ۾ 5 نمبر تي آهي، ھن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته آبادگارن ۽ گروورز کي تحقيق کان وٺي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ زراعت کاتي پاران وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪيون ان سلسلي ۾ 2022 وارين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي آڏو رکي سنڌ حڪومت متاثرن آبادگارن کي في ايڪڙ جي حساب سان مالي سهائتا پڻ ڪئي.