خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ شهر جي مصروف پنجگلا چوڪ تان ميونسپل انتظاميا طرفان سبزي ۽ فروٽ جا ريڙھا ھٽائڻ خلاف ريڙها يونين پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. پورهيتن عبدالوھاب شيخ، مير خان ناريجو، راجو سرڪي، رضوان ملڪ، حبيب الله دراني ۽ ٻين ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ميونسپل انتظاميا بنا جواز ريڙھا ھٽائي اسان کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. هنن جو چوڻ هو ته هڪ طرف پورهيت پنهنجي گهرڀاتين جو پيٽ پالڻ پريشان آهن ته ٻئي طرف اٽو 160 رپيا ڪلو ٿي وڃڻ سبب معصوم ٻچن کي ھڪ ويلي جي ماني به نٿا ڏئي سگهون. اهڙي صورتحال ۾ اسان جا ريڙھا ھٽائي فاقاڪشيءَ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. ھنن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بيروزگاريءَ کان بچايو وڃي، ٻِي صورت ۾ معصوم ٻچن سميت مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.