خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي امام بارگاهه انجمن حيدري ۾ عيد غدير جي موقعي تي دسترخوان سجايو ويو، جتي 4 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي نياز ننگر ۽ مٺايون کارايون ويون، جڏھن ته عيد غدير جي موقعي تي بانيءَ طرفان دسترخوان ۾ آيل مھمانن کي عيد غدير جي رسمي خرچي پڻ ڏني وئي، ان موقعي تي دسترخوان لڳائيندڙ اطھر شاھه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھي دسترخوان عيد غدير جي مناسبت سان ھر خاص ۽ عام لاءِ لڳايو ويو آهي ۽ اسان دسترخوان گذريل ڪيترن ئي سالن کان لڳائي رھيا آھيون.