خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گهرو اڻبڻت تان جي ايس ٽي استاد گهر اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ ميمڻ پاڙي جي رهواسي جي ايس ٽي استاد ڪاشف ميمڻ گهرو اڻبڻت تان گهر اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. واقعي بعد وارثن لاش کڻي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. استاد طرفان ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ واري واقعي بعد گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ پاڙي ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي.