خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ يوم دفاع پاڪستان جي سلسلي ۾ هاڪي گرائونڊ ۾ هاڪي ميچ منعقد ڪئي وئي. ميچ ۾ خيرپور ۽ سکر جي ٽيمن حصو ورتو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، منشاد ڪلوڙ، محمد يامين ملڪ ۽ سليم ملڪ تقريب جا خاص مهمان هئا. ان موقعي تي خيرپور جي ٽيم ٽي گول ڪري ميچ کٽي ورتي ۽ سکر جي ٽيم فقط هڪ گول ڪري سگهي. بعد ۾ ونر ۽ رنر اپ ٽيم جي رانديگرن کي انعام ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته هن وطن جي جانثارن هن ملڪ جي حفاظت لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن انهن قربانين کي ياد رکندي قوم ۾ قربانيءَ جي جذبي کي سجاڳ رکڻو آهي هن وطن جي حفاظت ۽ هن وطن جي محافظن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ اسان جي زنده قوم هجڻ جي نشاني آهي.