خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ گذريل ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران هٿياربندن طرفان واپاري عدنان ملڪ ۽ هڪ نينگري کي زخمي ڪرڻ ۽ شهر ۾ بدامني خلاف واپارين شٽر بند هڙتال ڪري لقمان ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي جاويد شيخ، ذوالفقار جانوري، شرافت علي، يامين ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته خيرپور پوليس شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پوليس شهر کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، هنن چيو ته گذريل ڏينهن اڻ ڄاتل هٿياربندن واپاري عدنان ملڪ کان ڦر دوران کيس ۽ نينگري کي زخمي ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته بدامني سبب خيرپور جا شهري ۽ واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، پر پوليس سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو راڳ ڳائي رهي آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گهر ڪئي ته خيرپور ضلعي اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.