خيرپور(رپورٽر) پنوعاقل جي رهواسين چندن مهر، شمن مهر ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مريض جي علاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ ويندي اڻ ڄاتل هٿياربند هٿيارن جي زور تي اڳ ڏئي ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل، 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هنن ٻڌايو ته واقعي بعد حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو پر پوليس اين سي داخل ڪري موٽائي ڇڏيو جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان، روڪ رقم واپس ڪرائڻ سان گڏ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.