خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) اٽي جي قيمتن ۾ هٿرادو واڌ ۽ برسات متاثرن کي سهولتون نه ملڻ خلاف سوين عورتن پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهري ۾ شامل عورتن جي انتظاميا ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي. احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي سربراهه شهناز شيخ احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته خيرپور ضلعي انتظاميا اٽي جي سرڪاري قيمت تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت طرفان اٽي جو اگهه 95 رپيا مقرر ڪرڻ باوجود چڪي مالڪ ۽ دڪاندار اٽو 150 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال بعد پورهيت طبقو فاقاڪشيءَ تي مجبور ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته هڪ طرف ضلعي انتظاميا سنڌ سرڪار پاران مقرر ڪرايل ريٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي ته ٻئي پاسي 6 مهينا گذري وڃڻ کان پوءِ به خيرپور ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. برسات متاثرن کي ٽينٽ، کاڌ خوراڪ سميت ڪنهن به قسم جو رليف فراهم نٿو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري اٽي جي سرڪاري اگهه تي عمل ڪرائڻ ۽ برسات متاثرن کي فوري طور رليف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڏياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.