خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ۽ سنڌ  سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي ملازمن پگهارون بند هئڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي تسڪينه زيدي، پٺاڻ مھر، ارشاد بگٽي، محرم علي بگٽي ۽ ٻين چيو ته گذريل 7 مهينن کان پگهارون بند آهن، جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هنن چيو ته پينشن ٽريزري ذريعي آن لائين ڪرائي وڃي، 2012 کان ختم ڪيل گروپ انشورنس بحال ڪئي وڃي، 2016 ۾ ٿيل اپ گريڊ تحت وڌيل پگهار ڏني وڃي.