خيرپور(رپورٽر) ايگزيڪيوٽو انجنيئر آبپاشي ايسٽ ڪئنال خيرپور طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب خيرپور فيڊر ايسٽ ڪئنال لاءِ وارابندي جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، شيڊول مطابق گروپ ون ۾ علي بحر واهه، سهتو واهه ۽ ميرواهه ۾ 23 اپريل صبح جو 6 وڳي کان 30 اپريل 2025 جي صبح جو 6 وڳي تائين پاڻي هلندو رهندو ۽ پهرين مئي صبح جو 6 وڳي کان 17 مئي تائين ڄاڻايل واهن جو پاڻي بند ٿيندو، جڏهن ته گروپ ٽو ۾ ويهو واهه، خان واهه، علي نواز واهه، صدا رنگ واهه، سنيسا واهه، سوني واهه، سانوري واهه، ڪالرا مائنر، ڍيڍاڻو واهه، بلاول واهه ۾ 01 مئي صبح جو 6 وڳي کان 08 مئي 2025 تائين پاڻي هوندو ۽ 09 مئي صبح جو 6 وڳي کان 25 مئي تائين ڄاڻايل واهن جو پاڻي بند ڪيو ويندو، گروپ ٿري ۾ پنڌريو واهه، سنهڙو واهه، فيض گنج واهه، فيض بخش واهه ۽ شاهنواز واهه ۾ 09 مئي صبح جو 6 وڳي کان 16 مئي تائين پاڻي ڏنو ويندو ۽ 17 مئي 2025 صبح جو 06 وڳي گروپ ٿري جي ڄاڻايل واهن ۾ پاڻي بند ڪيو ويندو.