خيرپور (رپورٽر) محرم الحرام دوران امن امان بحال رکڻ، حفاظتي انتظامن ۽ مجلسن، جلوسن ۽ ٻين پروگرامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سيف الله ابڙو، ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ ۽ رينجرز ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمد عظيم گڏجي ضلعي جي اٺن ئي تعلقن جي امام بارگاهن، ماتمي پڙن ۽ مجلسن جي هنڌن سميت جلوسن جي گذرگاهن جو دورو ڪيو. دوري دوران جاگير علي اڪبر، امام بارگاهه راڻي پور، امام بارگاهه کهڙا، مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري، امام بارگاهه گمبٽ سميت مختلف امام بارگاهن جو معائنو ڪيو ويو. ان موقعي تي  ڊي سي خيرپور سمورن انتظامي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران صفائي سٿرائي، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ اسٽريٽ لائيٽ سميت ٻيون گهربل سهولتون هر حالت ۾ يقيني بڻايون وڃن. ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ پهرين کان 10 محرم جي آخري جلوس تائين پوليس کاتي خيرپور پاران 5000 هزار کان وڌيڪ اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويندا. فل پروف سيڪيورٽي لاءِ محرم الحرام جو پلان جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمد عظيم ٻڌايو ته محرم الحرام دوران رينجرز پاران آفيسر ۽ اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويندا.