خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ 4 ڏينهن اڳ لقمان محلي ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي ٿيل عورت سمي ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي ٻه ٿي ويو آهي، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڏينهن گهر ڌڻي گرمل جي نوجوان ڌيءَ ڪاجل پڻ زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي، عورت جو مڙهه ڪراچي کان خيرپور آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.