سکر (بيورو رپورٽ) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ ضابطن جي ابتڙ ميڊيڪل آفيسر کي اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ ڊاڪٽر رقيه فرزانه سولنگي طرفان خيرپور ميڊيڪل ڪاليج  ۾ ضابطن جي ابتڙ ڊاڪٽر نثار عباس شر کي اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، ان دوران جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل آئيني بئنچ آڏو درخواستگذار جي وڪيل سرفراز آخوند دليل ڏيندي چيو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل آفيسر نثار عباس شر کي پڙهائڻ جو تجربو نه هئڻ باوجود سفارش تي ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ڏنل اشتهار موجب ڄاڻايل عهدي تي مقرر ٿيندڙ کي ٻن ورهين جي ٽيچنگ جو تجربو لازمي هئڻ گهرجي، ان جي ڀيٽ ۾ درخواستگذار ڊاڪٽر رقيه فرزانه سولنگي سال 2017ع کان خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، جنهن اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي مقرر ٿيڻ لاءِ جوڙيل ضابطن تي پورو لهندي لکت وارو امتحان پاس ڪيو ۽ ٻيو سموريون قانوني گهرجون پڻ پوريون ڪيون، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اختيارين ميرٽ جي لتاڙ ڪندي سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل آفيسر کي اسسٽنٽ پروفيسر جو عهدو ڏئي نوازيو آهي، نثار عباس شر طرفان تدريسي سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.