خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو مٿان جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ مٿس ڪرپشن جا الزام مڙهڻ تي صحت کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر وقار محمود ميمڻ طرفان ليڊي هيلٿ ورڪر شبانا بڙدي ڏانهن شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کانئس وضاحت گهري ورتي آهي، شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪر شبانا بڙدي طرفان بنا ڪنهن پروف جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو مٿان سنگين قسم جا الزام مڙهي سندس ساک خراب ڪئي آهي، ليٽر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس خيرپور جوائن ڪرڻ کانپوءِ مسلسل غير حاضر رهي ان کانپوءِ اوهان کي جڏهن ليٽر جاري ڪندي پابندي سان ڊيوٽي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ته اوهان ليٽر جو جواب ڏيڻ کانپوءِ اوهان ٻيهر مسلسل غيرحاضر رهيا، شوڪاز نوٽيس ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر شبانا بڙدي کي ستن ڏينهن اندر جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي
، ٻي صورت ۾ سندس خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.