خيرپور(رپورٽر) خيرپور ڀرسان چلهه جي چڻنگ مان باھه لڳڻ سبب 8 گهر سڙي رک ٿي ويا، شاھه لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير ڪٽوهر ۾ چلهه جي چڻنگ مان باھه لڳڻ ڪري 8 گهر سڙي ويا، متاثرن ۾ مجيد، مزمل، ديدار عبدالله سچل، ياسين، صفر، غلام نبي ڪٽوهر شامل آهن، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو، متاثرن موجب گهرن کي باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ، ڪپڙا، ڪڻڪ، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن موجب غريب مسڪين ماڻهو آهيون، گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.