خيرپور ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر ٻاهران بيٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

0
25
خيرپور ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر ٻاهران بيٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
خيرپور ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر ٻاهران بيٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ڀرسان اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر ٻاهران بيٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، خبر موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي حد مڱريا ڳوٺ ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن گهر ٻاهران بيٺل نوجوان عبدالحسين پٽ شفيع محمد رند کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو مڙهه سندس گهر پهتو ته گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وارثن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.