خيرپور ميرس/احمد پور(نمائندن وٽان) انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ نوجوان عطاءُ الله چانڊيو کي سندس دوستن دانگي ۽ تئو ملي تذليل جو نشانو بڻاصيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ شعور وندن طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر نوجوان عطاءُ الله چانڊيو پنهنجي ڳوٺ جي دوستن سان گڏ ھوٽل تي ويٺو هو ته اوچتو سندس دوستن انور، روشن، رمضان ۽ مدد علي چانڊيو سري عام سندس منهن ڪارو ڪري اهڙي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏي، هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺندي احمدپور ٿاڻي جي ايس ايچ او کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي، آخري اطلاعن موجب احمدپور پوليس ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ ڪارروائي ڪري الزام هيٺ آيل ٽن جوابدارن انور چانڊيو، روشن چانڊيو ۽ رمضان چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نوجوان جي فرياد تي چئن سڃاتل ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس پاران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته تذليل جو نشانو بڻايل نوجوان ۽ الزام هيٺ آيل جوابدارن پاران مذاق ۾ هڪ ٻئي جون اهڙيون وڊيوز ٺاهيون ويون هيون.