خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سينٽرل جيل ڀرسان باگڙي برادري جي ڪکائين جهڳين کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته معصوم نينگريءَ سميت 3 ڄڻا 21 سالا نارل، 3 سالا ديا ڌيءَ پرسو رام ۽ 6 سالا بلاول سڙي زخمي ٿي پيا، باهه سبب گهرن ۾ رکيل الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، باهه سبب زخمي ٿيلن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي، هوڏانهن متاثرن جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان گھرن کي باهه لڳي، جنهن سبب پرڇي، تارا چم، ڪرشن، ناران، انيس، سروڻ، مٺو ۽ ٻين جا گهر سڙي ويا، هنن ٻڌايو ته باهه سبب گهرن ۾ پيل سونا زيور، ڪڻڪ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته گهرن کي باهه لڳڻ بعد بروقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر فائر برگيڊ عملي جي دير سان اچڻ سبب گھرن ۾ رکيل ھر شئي سڙي وئي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.