خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ ٺيڙهي شهر ڀرسان بيگماجي وٽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري منير شيخ قتل ٿي ويو، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ عرفان شيخ، عجيب الله شيخ، بهادر شيخ، فدا حسين ۽ ثناءُ الله شيخ شامل آهن، واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي زخمين جو علاج جاري آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سڱاوتي تڪرار تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي جوابدارن جي گرفتاري عمل هيٺ اچي سگهي هئي.