خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس 12 سال اڳ نواب شاهه مان اغوا ٿي ويل عورت کي بازياب ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب 12 سال اڳ نواب شاهه مان اغوا ٿيل ٽن ٻارن جي ماءُ مسمات خيران چانڊيو کي جوابدار محبوب، جبلو ۽ اڪبر مارفاڻي اغوا ڪري ڪنھن ٻي جاءِ تي وڪرو ڪري ڇڏيو هو، عورت جي موثر حڪمت عملي ۽ ٽيڪنيڪل مدد سان ڳولا شروع ڪئي وئي، ايس ايچ او وومين ٿاڻو رضيه شر ۽ سندس ٽيم ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ سمنگ ۾ ڪارروائي ڪري مغوي عورت کي بازياب ڪرائي ورتو هو، پوليس موجب بازياب ڪرايل عورت کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.