خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڪاروايون ڪري موٽرسائيڪل ڦر ۽ چورين جي واقعن ۾ ملوث ٽن گروهن جي 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 15 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور روحيل کوسو پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي کان پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي شاهه لطيف، ڪنب، گمبٽ ۽ فيض گنج ٿاڻن جي حدن مان موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوري جي واقعن ۾ ملوث ٽن گروهن جي 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 4 ٽي ٽي پستول، 2 ماسٽر ڪيز ۽ 15 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا آهن. گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ جبار شيخ، نجم الدين بروهي، جاويد شر، اختر منگي، اڪمل هاليپوٽو، ذاڪر حسين ملاح، جعفر شاهه، شڪيل اڄڻ ۽ عبدالرحمان ٻرڙو شامل آهن. ايس ايس پي موجب خيرپور ضلعي جي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو.