خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ سرڪار طرفان بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او مشتاق جتوئي جي فرياد تي هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجبار ڦلپوٽو، سندس پرائيويٽ ڊرائيور ثناءُ الله موريجو ۽ انچارج پوليس پڪٽ شاهه حسين ٿاڻو سب انسپيڪٽر انعام علي عباسي خلاف ڊيوٽي ۾ مجرمانه غفلت ۽ پنهنجن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 13 نومبر 2024ع تي اسان کي معلوم ٿيو ته شاهه حسين ٿاڻي پوليس پڪٽ جي هيڊ ڪانسٽيبل عنايت الله وسطڙو، پوليس ڪانسٽيبل اقرار احمد ميتلو، پوليس ڪانسٽيبل جلال الدين خاصخيلي ۽ ڊرائيور پوليس ڪانسٽيبل مقابلي دوران مختيار علي سومرو کي پوليس مقابلو ڏيکاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪري مٿس بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو، بعد ۾ معلوم ٿيو ته مختيار سومرو کي هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجبار ڦلپوٽو پنهنجي پرائيويٽ ڊرائيور ثناءُ الله موريجو سان گڏ تاج پيٽرول پمپ وٽان گرفتار ڪيو، جنهن ۾ ايس آءِ پي انعام علي عباس انچارج پوليس پڪٽ شاهه حسين ٿاڻو مجرمانه غفلت ڪندي کين اهڙي عمل کان نه روڪيو ۽ هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجبار ڦلپوٽو جي پرائيويٽ ڊرائيور ثناءُ الله موريجو فائر ڪري مختيار علي سومرو کي زخمي ڪري مقابلو ظاهر ڪيو، عبدالجبار ڦلپوٽو جي پرائيويٽ ڊرائيور ثناءُ الله موريجو پسٽل جو فائر ڪري مختيار علي سومرو کي زخمي ڪري ڏوهه ڪيو آهي ۽ ٻئي پوليس عملي پنهنجي ڊيوٽي ۾ مجرمانه غفلت ڪري پنهنجي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ڪيس جي جوابدار هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجبار ڦلپوٽو ۽ پرائيويٽ شخص ثناءُ الله موريجو کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر سب انسپيڪٽر ۽ عبد البار ڦلپوٽو کي معطل پڻ ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن متاثر مختيار سومرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آئون موٽر سائيڪل ٽيڪسي طور هلائي پنهنجي گهر جو خرچ پکو هلائيندو آهيان، ھن ٻڌايو ته هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجبار ڦلپوٽو مون کي روڪي مون کان تلاشي ورتي منهنجي کيسي مان موبائل فون ۽ پرس نڪتو، ان باوجود مون کي چيو ويو ته تون ڏوهاري آهين مون کين چيو ته آئون پورهيت آهيان، هنن چوڪي تي بند ڪري چار لک رپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ جي صورت ۾ ھاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ھن ٻڌايو ته رشوت نه ڏيڻ تان مون کي ڄنگھه ۾ گولي هڻي معذور بڻايو ويو، منهنجو ڪٽنب هاڻي بکون ڪاٽي رهيو آهي.