خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت پوليس سان مقابلي ۽ ناجائز اسلحو رکڻ جي ڪيسن ۾ فريادين ۽ گواهن جي مسلسل غيرحاضر رهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انسپيڪٽر گل محمد مهر، اي ايس آءِ ممتاز علي اڄڻ، وڏو منشي بشير احمد لغاري، ظهور احمد لغاري ۽ سپاهي آفتاب احمد کوکر جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڊي ايس پي خيرپور کي حڪم ڏنو آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي، هوڏانهن سيڪنڊ اسسٽنٽ سيشن جج وقار احمد جوڻيجو جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي مختيارڪار خيرپور خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو.