خيرپور (رپورٽر) ناري تعلقي جي علائقي جي ڳوٺ چوهڙ خان شر جي رهواسي پيرسن محمد يوسف ولد محمد اسماعيل شر پنهنجي نافرمان پٽن نظر محمد شر، امداد علي شر ۽ رفيق ڏنو شر جي ظلمن خلاف خيرپور ۾ احتجاج ڪيو، ھن دانهيو ته سندس پٽن مخالفن جي چوڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهران لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن ڪري هن پوڙهائپ واري عمر ۾ دربدري جو شڪار آهيان. هن ٻڌايو ته حد جي ٿاڻي کهنواري تي پڻ پنهنجي نافرمان پٽن خلاف دانهن ڏني آهي پر پوليس پٽن خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪري.