خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪيهر شيخ ۾ سڱاوتي تڪرار تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ مقتولن جي مارجي ويلن ۾ محمد نواز شيخ، اڏيل شيخ ۽ شاهزيب شيخ طور سڃاڻپ ٿي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ حسن رضا ۽ گل بيگ سميت 4 ڄڻا شامل آهن، ٻي طرف 3 ڄڻن جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، علائقي ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، پوليس نه پهچي سگهي.