خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳوٺ ربنواز جوڻيجو ڀرسان قومي شاهراهه تي بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 16 سالا نوجوان محمد صفر پٽ مير محمد جوڻيجو موقعي تي فوت ٿي ويو. واقعي بعد نوجوان جو لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي هوٽل تان ماني وٺڻ وڃي رهيو هو ته بس جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. هوڏانهن نوجوان جو لاش سندس گهر آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.