خيرپور(رپورٽر) خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ جو رهواسي پورهيت عتيق الرحمن ڦلپوٽو پراسرار نموني  گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر. ان سلسلي ۾ نوجوان عتيق ڦلپوٽو جي والد مشتاق ڦلپوٽي جو چوڻ آهي ته ڪنهن شخص منهنجي پٽ کي نوڪري جو ڏٽو ڏئي پئسا ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن تي هو پنهنجون ٻڪريون وڪڻي پئسا۽ ڪپڙا ساڻ کڻي خيرپور شهر روانو ٿيو ته واپس نه موٽيو آهي، 5 ڏينهن گذري چڪا آهن، سندس ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن جو موبائيل فون به بند آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته سندس پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.