خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ سرڪاري وڪيل گوليون هڻي قتل، اوطاق مان لاش هٿ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائدهه ڳوٺ مان سرڪاري سينيئر وڪيل لياقت علي ڦلپوٽو جو اوطاق مان گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، اي سيڪشن پوليس واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ وڪيل جي گهر پهچي سندس لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جيڪو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول لياقت ڦلپوٽو سانگهڙ ضلعي ۾ سرڪاري وڪيل ھو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعي بابت في الحال ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيقتون سامهون اينديون، هوڏانهن وڪيل لياقت علي ڦلپوٽو جي قتل واري واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي گهر ڪئي وئي ته واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، مقتول لياقت ڦلپوٽو جي جنازي نماز جيم خانه ڪلب خيرپور ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي، صحافين، وڪيلن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.