خيرپور (رپورٽر) رعنا لياقت نرسنگ ڪاليج ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ شاگردن پاران ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، نرسنگ ڪاليج جي پرنسپل ذاڪرهه کوسو، عبدالرزاق کوسو جي اڳواڻي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ جا خاص مهمان ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو، ڊاڪٽر طالب حسين، گلزار احمد، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي ۽ ٻيا هئا، تقريب ۾ ڪاليج جي شاگردن سنڌي ثقافتي ويس پائي سنڌي گيت ٻڌايا ۽ ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا،  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تهذيب ۽ تمدن  ۾ قوم جي سڃاڻ ۽ جياپو هوندو آهي، ثقافت ۽ تاريخ محفوظ هوندي آهي ته پوءِ قومون به زندهه هونديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو هزارين سال پراڻي سنڌ جا وارث پنهنجي ثقافت ۽ تاريخ جي بقا لاءِ ايڪي ۽ ٻڌي جي ڏور کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ايڪتا ملهائي اهو وچن ورجائين ٿا ته هو سنڌو درياهه، سنڌ امڙ جي خوشحالي امن ۽ سلامتي لاءِ هميشه متحد آهن.