خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاه پوليس فريادي جي نشاندهي تي جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ڳوٺ جان محمد آرائين ڀرسان ڇاپو هنيو. پوليس جي پهچڻ تي ڏوهارين جي مبينا فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار فرحان علي ملاح زخمي ٿي پيو،. جنهن کي فوري طور اهلڪارن زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال کڻي آيا جتي ڊاڪٽرن زخمي اهلڪار جو علاج ڪرڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪيو ويو، رابطي تي خيرپورناٿن شاه ٿاڻي جي وڏي منشي شاهنواز وگهيو ٻڌايو ته ڪجه ڏينهن اڳ ڳوٺ بهاول لغاري جي رهواسين وزير ۽ گل محمد لغاري جون رڍون چوري ٿيون هيون چوري جو ڪيس جوابدارن ذولفقار مڱڻهار، گلزار مڱڻهار روح افزا کوسو سميت ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان فريادي داخل ڪرايو هو،فريادي جي نشاندهي تي اڄ جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ڳوٺ جان محمد آرائين ڀرسان خالي پلاٽ تي گهر ٺاهي ويٺلن تي ريٽ ڪري مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ته ان جي ساٿي جوابدار کي ڇڏائيڻ لاء پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو اهلڪار پي سي فرحان علي ملاح زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال علاج لاء کڻي آيا آهيون جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس جي وڌيڪ نفري گهرائي وئي آهي جوابدار گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو هوڏانهن آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هيو.