خيرپور ناٿن شاھ (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاه ڪاڇي واري علائقي سالاري پوليس اسٽيشن تي پنجاب واسڻ مسمات نبيلان تحفط لاء پهتي جتي عورت دانهيو ته حسن گاڏهي ويٺل صديق گاڏهي سان شادي ٿي آهي، جيڪي هتي ڪاڇي وٺي آيا جتي مڙس ۽ ڏير هر روز بنا جواز مارڪٽ ڪندا هئا مونکي جان کي خطرو آهي . سالاري ٿاڻي تي تحفط لاء پهتل عورت کي مينگل گاڏهي ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ مبينا طور تي اغوا ڪري ويا، رابطي تي سالاري پوليس جي منشي رفيق ٻٻر ٻڌايو ته 20 مارچ 2025 تي ڊيوٽي آفيسر اي ايس آء وزير کنڊ ۽ ٻيا اهلڪار ڊيوٽي تي هيا ته پنجاب واسڻ عورت مسمات نبيلان ٿاڻي تي تحفظ لاء پهتي ته ٿوري دير بعد مينگل گاڏهي ۽ ٻيا هٿيارن سان ٿاڻي اچي عورت کي گارگند ڪندي چيو ٿاڻي تي ڇو آئي آهين هٿياربندن زبردستي عورت نبيلان کي چيو هتان هل اسان مينگل وارن کي چيو ته عورت کي اسان ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪندا سين اوهان هتان هليا وڃو جنهن تي سڀني هٿياربندن هاٿاپائي ڪري اسان کي ڌڪا ٿيلها ڏئي اسان تي هٿيار سڌا ڪري زبردستي مسمات نبيلان کي موٽر سائيڪل تي کڻي ويا اھڙو اطلاع بالا آفيسرن کي ڏنو سين جن کي حقيقت ٻڌائي جنهن بعد 11 سڃاتل پنج اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس داخل ٿيڻ بعد اسان اغوا ٿيل پنجاب واسڻ عورت نبيلان کي جوابدارن جي چنبي مان آزاد ڪرايو جوابدار فرار ٿي ويا، سالاري پوليس پنجاب واسڻ عورت مسمات نبيلان کي خيرپورناٿن شاه جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت جي حڪم تي مسمات نبيلان کي سالاري پوليس سيف هائوس دادو پهچائي آيا ، ڪورٽ ٻاهران مسمات نبيلان ٻڌايو ته مان لياقت جي ڌي آهيان پنجاب جي شهر گجرانوالا شالي باء پاس ڀرسان منهنجو والد ڀائر اسان رهندا آهيون مان پنهنجي مرضي سان هتي آئي هيس هتي ڪافي وقت سان رهندي هيس هاڻي مونکي پنهنجي والدين ڏي گجرانوالا موڪليو وڃي، هوڏانهن سالاري پوليس ٻڌايو ته سرڪار جي فرياد تي مينگل گاڏهي، غازي گاڏهي، اعجاز گاڏهي، احسان گاڏهي، حسن گاڏهي، علي محمد گاڏهي سميت 11 سڃاتل ۽ پنج اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون ،