خيرپورناٿن شاهه(ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ مڇي وڪرو ڪندڙ پوهيتن غلام شبير ملاح ۽ غلام نبي گاڏھي جو مختيارڪار ۽ سندس عملي ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته مختيار ڪار اسان مسڪين مزدورن مٿان هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٽي ٽي هزار ۽ هڪ ٻه هزار جا ڏنڊ هنيا آهن، هڪ ڏينهن ۾ ٽي ڏنڊ ڪٿان ڀريون اسان کي واپاري مڇي مهانگي ڏين ٿا، اسان سستي ڪئين کپايون؟ ٻچڙن پيٽ گذر لاءِ حق حلال جي روزي ڪريون پيا، پر اسان کي روزي ڪرڻ به نٿي ڏني وڃي. هنن وزير اعليٰ سنڌ ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي دادو کان نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي ڳوٺ بهادرپور واسي ابراهيم چانڊيو ۽ سندس والد محمد عيسي چانڊيو پاران رٽائرڊ ڊي ايس پي پيربخش چانڊيو خلاف دانهيندي الزام هنيو ته رٽائرڊ ڊي ايس پي وڏيرو پيربخش چانڊيو بيگناهه اسان مٿان ڪوڙا الزام هڻي اسان کي بليڪ ميل ڪري  چار لک رپيا ڀتو گهري رهيو آھي، هنن اهو به الزام هنيو  ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر ڪرائي وئي آھي، اسان غريب مسڪين آھيون اسان جي پراپرٽي تي قبضو ڪرڻ لاءِ  رٽائرڊ ڊي ايس پي  وڏيرو پيربخش پستول کڻي اچي اسان کي اسان جي اوطاق ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي گارگند ڪري ويو.  ايس ايس پي دادو ۽ اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي اڳوڻي ڊي ايس پي پير بخش چانڊيو جو موبائل نمبر بند مليو.