خيرپورناٿن شاهه(ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري واپاري روڊن تي نڪري آيا، ان ڏس ۾ شهرين واپارين مهراڻ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. عزيز جمالي، وحيد چانڊيو وقار ٻگهيو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيو ته خيرپورناٿن شاه ۾ بدامني وڌي وئي آهي شهر جا روڊ رستا غير محفوظ بڻجي ويا آهن پوليس ڊوٽين تان غائب آهي اڌ کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ويزا تي ويل آهن ٿاڻو خالي ون فائيو اهلڪار گشت ڪرڻ بجاء اگهور ننڊ ستل هجڻ جي ڪري شهري هر روز فورن هٿان ڦرجڻ لڳا آهن هنن چيو ته ٽن ڏينهن اندر پنج موٽر سائيڪلون ڦرجي ويون ، فرجن اي سي جي مستري آفتاب عرف علم سومرو کان هائي اسپيڊ موٽر سائيڪل ڦورو ڦر ڪري ويا ،انڊس هائي وي تان سيد علي رضا شاه کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦورو ڦر ڪري ويا، ڪاشف چانڊيو کان کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦورو ڦر ڪري ويا ، لوڊر رڪشا جي مزدور ساجد گاڏهي کان هزارين روپيا ڦورو ڦري ويا پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ڏوهارين اڳيان پوليس بيوس بڻيل آهي اسين شهري واپاري وڌندڙ بدامني جي ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهيون اسين آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائي ايس ايڇ او کي هٽائي امن امان جي صورتحال کي بهتر بنايو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.