دادو ( رپورٽر ) خيرپور ناٿن شاھ پوليس 3 مهينا اڳ ٻن ڀائرن عبدالنبي  ۽ علي حيدر شاهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار شريف پٽ غلام رسول شاهاڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن ، پوليس گرفتار ڪيل خلاف 13 ، ڊي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ، گرفتار ڪيل جوابدار 3 مهينا اڳ زرعي زمين جي تڪرار تان ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو هو.