خيرپورناٿن شاھه(ن پ ا) خيرپورناٿن شاھه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپاري دڪاندار شھري ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بڻيل آھن، سبزي فروٽ اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جن ۾ سبزي فروٽ، جي يو آءِ، ايس ٽي پي واپاري اتحاد، شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻڻ مسلم گاڏھي، حافظ انور کونھارو، اعجاز سومرو جي اڳواڻي ۾ سخت گرمي ۽ نٽھڻ اس تي مھراڻ پريس ڪلب اڳيان ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو ، ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي نا اھلي ۽ لاپرواهي جي ڪري شھر توڙي ٻھراڙيءَ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي ، سرعام ڏينھن ڏٺي جو چوريون ڦرون روز مره جو معمول بڻيل آھي واپاري دڪاندار توڙي شھري غير محفوظ آھن ھنن چيوته تازو سبزي جي واپاري رضا حسين ٻگھيو کان لکين رپين جي فر ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو جيڪو ھيئنر ھو زخمي حالت ۾ ڪراچي اسپتال ۾ داخل آھي، ھنن وڌيڪ چيوته جڏھن کان ايس ايس پي دادو سعود مگسي مقرر ٿيو آھي تڏھن کان دادو ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بدترين آھي ھنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏھن ايس ايس پي دادو سعود مگسي نه ھٽايو ويو ۽ امن امان بحال نه ڪرايو ويو ته تحريڪ جاري رھندي، ٻي صورت ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو.