خيرپور ناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ تعلقي اندر وڌندڙ بدامني خلاف سبزي فروٽ اتحاد جي سڏ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن واپاري اتحاد، شھري ايڪشن ڪاميٽي، اليڪٽرانڪ يونين، جميعت علماءِ اسلام، تعلقي بار ايسوسيئشن ، واپارين شھرين ٽئين ڏينهن تاريخي ۽ انوکو احتجاج ڪيو. مظاهرين علامتي ڪفن پائي روڊن تي نڪري آيا ۽ مين بس اسٽاپ تي شاميانا ھڻي ٽن ڪلاڪن تائين مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جتي مظاهرين ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي کي هٽايو امن بحال ڪرايوجي نعريبازي ڪندا رهيا. اڳواڻن مسلم گاڏھي، اعجاز سومرو، حافظ حاجن لغاري، عدنان گاڏھي، عمران زنگيجو چيوته خيرپورناٿن شاھ ۾ امن امان جو نالو نشان ڪونهي پوليس اگھور ننڊ ستل آھي چوريون ڦرون ڌاڙا روز مره جو معمول بڻجي چڪو آھي ڪو به واپاري شھري محفوظ ناهي ھاڻي ته ڦورو گوليون هڻي زخمي ڪري گاڏيون ۽ پيسا ڦر ڪري زخمي ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا ھنن چيوته تازو ڪجھ ڏينهن اڳ واپاري رضا حسين ٻگھيو کان لکين روپيا ڦر گوليون هڻي فرار ٿي ويا جيڪو زخمي ڪراچي اسپتال ۾ داخل آھي پر پوليس ھن تائين ڪک کڻي ٻيڻو نه ڪيو . جيسيتائين ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي کي نه ھٽايو ويو ته ٻي صورت ۾ شھر ۾ ڪاروبار بند ڪري انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين .ٽن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاھ منظور احمد ليکي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيو ان موقعي ھن چيوته ايس ايس پي دادو ڪراچي ويل آھي جيئن صاحب ايندو توهان سان ڳالهيون ڪندو ڊي ايس پي جي خاطري بعد واپارين چيوته جيسيتائين شھر ۾ امن امان بحال نه ڪرايو ويو ۽ ايس ايس پي ڳالھيون نه ڪندؤ اسان تحريڪ جاري رکنداسين ان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.