خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ۾ امن امان جي صورتحال بدترين ٿيندو پيو وڃي تازو اڄ آبپاشي عملدار ۽ جوھي برانچ جو ايس ڊي او محمد سليمان لغاري صبح سان پنھنجي موٽرسائيڪل تي ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو ته ٻورڙي ٿاڻي جي حد سيتا لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل موبائل فون روڪ رقم آساني سان فرار ٿي ويا، ان عمل خلاف سوين ماڻهن محمد سليمان لغاري ، ظفر لغاري ، منٺار لغاري ۽ عبدالرسول لغاري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ نانگڻ سامھون انڊس ھاءِ وي تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو ڌرڻي سبب انڊس ھاءِ وي تي سوين مسافر گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافر سخت پريشان رھيا. مظاهرين ٻڌايو ته خيرپورناٿن شاھ ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي ھر ماڻھون غير محفوظ آھي چوريون ڦرون ڌاڙا روز مره جو معمول بڻيل آھي پوليس اگھور ننڊ ستل آھي.