خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي، پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻجي وئي ڏوهن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون هڪ هفتي دوران 10 شهري ڳوٺاڻا ڦورن هٿان ڦرجي ويا. انڊس هائي وي به سفر لاء غير محفوظ بڻجي ويو ڳوٺ جهنڊو خان گاڏهي جو رهواسي حافظ سيد علي رضا شاه کان ڳوٺ آچر کوسو سامهون انڊس هائي وي تي ٽي هٿياربند هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل سي ڊي هزارين رپيا روڪ موبائل فون سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هڪ ڏينهن اڳ واٽر پلائي ٽانڪي ڀرسان فرجن اي سين جي مستري آفتاب عرف علم سومرو کان ٽي هٿياربند هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل موبائيل فون سيٽ هزارين رپيا ڦر ڪري پسٽل جا بٽ هڻي کين رتورت ڪري بيهوش ڪري فرار ٿي ويا،  جروار روڊ ڀرسان مين روڊ تي نماز پڙهڻ لاءِ ويل شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي جي موٽر سائيڪل چاٻي چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، گوزو لنڪ روڊ تي سيد مدد علي شاه کان ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ناٿن شاه محلا مان خدا بخش عرف خدن پنهور جي گهر ٻاهران بيٺل ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا ،  تعلقا اسپتال مان ليکڪ صحافي مدهوش مير جي موٽر سائيڪل گذريل ڏينهن چاٻي چور ڪاهي ويا، فراز چنا جي موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا،سيد شاه زيب شاه جي موٽر سائيڪل چاٻي چور پنج مهينا اڳ چوري ڪري ويا پوليس پنج مهينا گذرڻ باوجود چور پڪڙي نه سگهي، ڪجھ ڏينهن اڳ ڳوٺ مراد کوسو جي رھواسي مولا بخش کوسو کان ڦورو ھٿيارن جي زور تي ون ٽو فاء موٽرسائيڪل ڦر ڪري وۍويا ھيا پوليس ھن مھل تائين رڪوري نه ڪرائي سگهي.خيرپورناٿن شاه پوليس ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون رڪور ڪرائيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي متاثرن سيد علي رضا شاهه ۽ آفتاب سومرو ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آهي ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪلون ڦر ڪري وڃن ٿا ون فائيو گشتي پوليس شهر ۾ گشت ڪرڻ بجاءِ اگهور ننڊ ستل آهي ٿاڻي تي رپورٽ لکرائي آهي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي جيڪا پوليس جي وڏي نااهلي آهي، 48 ڪلاڪن ۾ موٽر سائيڪلون نه مليون ته انڊس هائي وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، هوڏانهن واپاري اتحاد جي صدر اعجاز سومرو، شهري اتحاد چيئرمين حافظ محمد امين جمالي، استاد عمران سومرو سميت شهر جي سڄاڻ ڌرين واپارين وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي چيو ته خيرپورناٿن شاه شهر سميت انڊس هائي وي تي ڦورون روز جو معمول بڻجي ويون آهن عوام روڊ رستن گهرن دڪانن تي محفوظ ناهي رهيو ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو ڏوه ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا جيڪا پوليس انتظاميا جي نااهلي آهي فوري طور تي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري امن امان جي بگڙيل صورتحال کي بهتر ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪري ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون رڪور ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.