خيرپور ناٿن شاهه ويجھو ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي 2 ڳوٺاڻا مرڻينگ، مبينا مقابلو. 2 ڦورو هاف فراءِ

0
22
خيرپور ناٿن شاهه ويجھو ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي 2 ڳوٺاڻا مرڻينگ، مبينا مقابلو. 2 ڦورو هاف فراءِ
خيرپور ناٿن شاهه ويجھو ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي 2 ڳوٺاڻا مرڻينگ، مبينا مقابلو. 2 ڦورو هاف فراءِ

خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپور ناٿن شاهه ويجھو ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي 2 ڳوٺاڻا  سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته  مقابلي بعد 2 ڦورو هاف فراءِ ڪيا ويا. ان ڏس۾ انڊس هائي وي تي ڳوٺ دودو لغاري جي رهواسين علم الدين لغاري ۽ رسول بخش لغاري موٽر سائيڪل تي دادو وڃي رهيا هيا ته ڳوٺ لڌاڻ ڀرسان انڊس هائي وي تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار هٿياربند هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل سوارن کي روڪي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن ڦورن سان مزاحمت ڪئي ڦورن ٻنهي ڳوٺاڻن کي سخت زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هيا ته پوليس گشت دوران پهتي هٿياربندن پوليس موبائل  مٿان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ٻورڙي لنڪ روڊ جانوري پمپ ڀرسان پهتا ته پوليس ۽ هٿياربندن ڦورن ۾ مبينا مقابلو ٿيو نتيجي ۾ ٻه ڦورو نادر جانوري ۽ شهزاد عرف ٽيڊو شاهه زخمي ٿي پيا پوليس ٻنهي زخمي کي سوگهو ڪري هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻه ڦورو الطاف جانوري ۽ احمد جانوري ڳوٺاڻي جي ڦر ڪيل موٽر سائيڪل سميت موقعي تان فرار ٿي ويا، زخمي ٻنهي ڦورن کي پوليس تعلقا اسپتال کڻي پهتي جتي ڊاڪٽرن ٻنهي زخمين کي طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي اسپتال رفرر ڪيو پوليس اهلڪارن پوليس پهري هيٺ لاڙڪاڻي اسپتال علاج لاءِ کڻائي ويا جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار زخمي ڳوٺاڻن علم الدين لغاري، رسول بخش لغاري کي علاج لاءِ پوليس اسپتال کڻائي آئي جتي ڊاڪٽر ٻنهي زخمين کي علاج ڪري کين گهر وڃڻ جي اجازت ڏني، هوڏانهن خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي تي علم الدين لغاري جي فرياد تي شهزاد عرف ٽيڊو سائين ، نادر علي جانوري،الطاف جانوري، ۽ احمد جانوري مٿان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي جڏهن ته سرڪار پاران تيرهن ڊي جا ٻه ڪيس ۽ هڪ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، رابطي تي ايس ايچ او خيرپورناٿن شاهه قربان قمبراڻي ٻڌايو ته ڳوٺ لڌاڻ ڀرسان انڊس هائي وي تي هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪري وڃي رهيا هيا ته پوليس پهچي ڦورن جو پيڇو ڪيو ڦورو پوليس موبائيل مٿان فائرنگ شروع ڪندا فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ٻورڙي لنڪ روڊ جانوري پمپ ڀرسان ڦورن سان مقابلو ٿيو مقابلي دوران ٻه ڦورو نادر علي جانوري ۽ شهزاد عرف ٽيڊو سائين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ٻه هٿياربند فرار ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو امن امان جي صورتحال بهتر آهي.